1. آءٌ اوھان کي فيبيءَ جي پارت ٿو ڪريان، جيڪا اسان جي ڀيڻ ۽ ڪنخريا شھر جي ڪليسيا جي خدمتگار آھي.
2. اوھين کيس خداوند جي نالي قبول ڪريو، جيئن ايمان وارن تي واجب آھي ۽ جنھن ڳالھہ ۾ کيس اوھان جي ضرورت ھجي تنھن ۾ سندس مدد ڪريو، ڇالاءِجو ھن ڪيترن ئي ماڻھن جي ۽ خود منھنجي بہ مدد ڪئي آھي.
3. پرسڪلا ۽ اڪولا کي منھنجا سلام ڏجو، جن مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي خدمت ڪئي آھي،
4. ۽ جيڪي منھنجي حياتيءَ واسطي پنھنجا سر بہ ڏيڻ لاءِ تيار ھئا، تن جو نہ رڳو آءٌ پر غير قومن جون سڀ ڪليسيائون بہ ٿورائتيون آھن.
5. جيڪا ڪليسيا سندن گھر ۾ آھي، تنھن کي بہ سلام ڏجو. منھنجي پياري دوست اپينتس کي سلام چئجو، جيڪو ايشيا جي علائقي ۾ پھريون شخص آھي جنھن مسيح تي ايمان آندو ھو.
6. مريم کي منھنجا سلام ڏجو، جنھن اوھان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آھي.
7. منھنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ ھئا ۽ جيڪي رسولن ۾ مشھور آھن ۽ مون کان اڳي مسيحي ٿيا ھئا.
8. امپلياطس کي منھنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح جي معرفت منھنجو پيارو دوست آھي.
9. اُربانس کي منھنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح جي خدمت ۾ مون سان گڏ آھي ۽ منھنجي پياري دوست استاخس کي بہ سلام ڏجو.