رومين 14:14-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آھي تہ اھڙي ڪابہ شيءِ نہ آھي جيڪا خود ناپاڪ آھي. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ فلاڻي شيءِ ناپاڪ آھي، تہ پوءِ اھا انھيءَ جي لاءِ ناپاڪ آھي.

15. جيڪڏھن تنھنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنھنجي ڀاءُ کي رنج پھچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو ھلين. جنھن شخص جي خاطر مسيح پنھنجي جان ڏني تنھن کي تون پنھنجي کاڌي جي ڪري برباد نہ ڪر.

16. اھو خيال رک تہ جنھن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنھن کي ٻيا خراب نہ سمجھن.

17. ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي.

18. جيڪو بہ اھڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، سو خدا کي پسند آھي ۽ ماڻھن ۾ بہ مقبول آھي.

19. پوءِ اچو تہ اسين اھڙا ڪم ڪريون، جن مان صلح پيدا ٿئي ۽ ھڪ ٻئي کي سڌاري سگھون.

20. کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پاڪ آھن، پر جنھن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻھو گمراھہ ٿئي ٿو تہ اھا شيءِ انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ خراب آھي.

21. چڱو تہ ائين ٿيندو جو تون نہ گوشت کاءُ، نڪي مئي پيءُ ۽ نہ وري اھڙو ڪم ڪر، جنھن جي ڪري تنھنجو ڀاءُ گمراھہ ٿئي.

22. ھنن ڳالھين بابت تنھنجو جيڪو اعتقاد آھي سو پنھنجيءَ دل ۾ ئي رک. سڀاڳو آھي اھو ماڻھو جيڪو انھيءَ ڪم جي ڪرڻ سان جيڪو سندس نظر ۾ چڱو آھي، پاڻ کي ڏوھاري نہ ٿو محسوس ڪري.

23. پر جيڪو ڪنھن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اھا کائيندو تہ اھو ڏوھاري ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو ھو اھا شيءِ اعتقاد سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪو ڪم اعتقاد سان نہ ڪيو وڃي سو گناھہ آھي.

رومين 14