اِفسين 6:2-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. ھي پھريون حڪم آھي جنھن سان واعدو شامل آھي تہ”پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو،

3. تہ جيئن توھان جو ڀلو ٿئي،۽ انھيءَ ملڪ ۾ اوھين وڏي عرصي تائين رھو.“

4. اي پيئرؤ! اوھين پنھنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين اھڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند کي پسند ھجي.

5. اي غلامؤ! اوھين صاف⁠دليءَ سان، ادب ۽ تابعداري ڪندي پنھنجن دنياوي مالڪن جا اھڙا فرمانبردار رھو جھڙا مسيح جا.

اِفسين 6