اِفسين 3:19-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. يعني مسيح جي انھيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا سمجھہ کان ٻاھر آھي، تہ جيئن اوھين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو.

20. واکاڻ ٿي ڪجي انھيءَ خدا جي، جيڪو پنھنجي قدرت موجب جا اسان ۾ اثر ڪري ٿي، اسان جي گھرڻ ۽ سوچڻ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.

21. شل ڪليسيا ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيڙھي بہ پيڙھي ھميشہ تائين سندس واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.

اِفسين 3