2.ڪرنٿين 7:4-6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. مون کي اوھان تي تمام گھڻو اعتبار آھي. آءٌ اوھان تي ڏاڍو فخر ٿو ڪريان. مون کي پوري تسلي آھي. تنھنڪري جيڪا بہ مصيبت اسان تي اچي ٿي، تنھن ۾ آءٌ تمام گھڻو خوش رھندو آھيان.

5. جڏھن اسين مڪدونيا ۾ آياسين تڏھن بہ اسان کي آرام نہ مليو، پر ھر طرف کان مصيبت ۾ گرفتار ٿي وياسين. ٻاھر جھيڙا جھڳڙا ھئا ۽ اندر خوف خطرا.

6. پر خدا، جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آھي، تنھن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.

2.ڪرنٿين 7