11. ڏسو، اوھان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھن اوھان ۾ ڪھڙي نہ سرگرمي ۽ پاڻ کي بيڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ڪھڙي نہ رنجش، ڪھڙو نہ خوف، ڪھڙي نہ سڪ ۽ ڪھڙو نہ شوق پيدا ڪيو ۽ اوھين ڪھڙيءَ طرح بدڪار کي سيکت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اوھان ھر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوھين ھن معاملي ۾ بيڏوھي آھيو.
12. جيتوڻيڪ مون اوھان ڏانھن لکيو ھو، سو نہ تہ انھيءَ لاءِ جنھن ڏوھہ ڪيو ۽ نڪي ان لاءِ جنھن جو ڏوھہ ڪيائين. پر لکڻ جو مقصد ھو تہ اوھان کي جيڪا اسان لاءِ ڳڻتي آھي سا خدا جي آڏو اوھان تي ظاھر ٿئي.
13. تنھنڪري اسان کي تسلي ملي آھي.انھيءَ تسليءَ کان سواءِ اسان کي طيطس جي خوشيءَ جي ڪري بہ نھايت گھڻي خوشي ٿي. ڇالاءِجو اوھان سڀني جي مدد سان ھن جي دل کي سڪون مليو آھي.