2.ڪرنٿين 7:1-4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اي پيارا دوستو! جڏھن اسان سان اھڙا واعدا ڪيا ويا آھن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي ھر انھيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنھي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.

2. اسان کي پنھنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنھن سان بہ ظلم نہ ڪيو آھي، نڪي ڪنھن کي بگاڙيو آھي ۽ نڪي ڪنھن کي ٺڳيو آھي.

3. آءٌ اوھان تي الزام ھڻڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇالاءِ⁠جو مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آھي تہ اوھان لاءِ اسانجين دلين ۾ اھڙي جاءِ آھي جو اسين جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ھميشہ گڏ آھيون.

4. مون کي اوھان تي تمام گھڻو اعتبار آھي. آءٌ اوھان تي ڏاڍو فخر ٿو ڪريان. مون کي پوري تسلي آھي. تنھنڪري جيڪا بہ مصيبت اسان تي اچي ٿي، تنھن ۾ آءٌ تمام گھڻو خوش رھندو آھيان.

2.ڪرنٿين 7