9. بحرحال توڙي اسين پنھنجي جسم واري گھر ۾ ھجون يا نہ ھجون، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد ھي آھي تہ خداوند کي خوش ڪريون.
10. ڇالاءِجو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي انھن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي ھن جسم ۾ رھي ڪيا آھن، پوءِ اھي چڱا ھجن يا بڇڙا.
11. تنھنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻھن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان جو حال خدا کي معلوم آھي ۽ مون کي اميد آھي تہ اھو اوھان جي دلين تي بہ صاف ظاھر ٿيو ھوندو.