2.ڪرنٿين 4:16-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. تنھنڪري اسين ھمت نہ ٿا ھاريون. جيتوڻيڪ جسماني طرح اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏھن بہ روحاني طرح ڏينھون ڏينھن نوبنو ٿيندا پيا وڃون.

17. جيڪا مصيبت اسين سھون ٿا اھا ھلڪي ۽ ٿوري دير جي لاءِ آھي. اھا اسان جي لاءِ اھڙو دائمي جلوو پيدا ٿي ڪري جيڪو حد کان وڌيڪ ڳؤرو آھي.

18. سو اسين ڏٺل شين تي نہ، بلڪ اڻ⁠ڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا. ڇالاءِ⁠جو جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آھن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي دائمي آھن.

2.ڪرنٿين 4