13. تڏھن بہ منھنجي دل کي آرام نہ آيو، ڇالاءِجو مون پنھنجي ڀاءُ طيطس کي نہ ڏٺو. پوءِ اتان جي ماڻھن کان موڪلائي مڪدونيا ۾ ھليو آيس.
14. پر خدا جو شڪر آھي، جيڪو اسان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري سدائين سوڀ واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح پنھنجي علم جي خوشبوءِ اسان جي وسيلي ھر ھنڌ پکيڙي ٿو.
15. انھيءَ ڪري اسين خدا جي آڏو ڇوٽڪارو پائيندڙن ۽ تباھي حاصل ڪرڻ وارن ٻنھي لاءِ مسيح جي سرھاڻ آھيون.
16. ھڪڙن جي واسطي مرڻ لاءِ موت جي بوءِ ۽ ٻين جي واسطي جيئڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشبوءِ آھيون. ڪير اھا ذميواري کڻڻ جي لائق آھي؟