2.ڪرنٿين 2:10-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. جڏھن اوھين ڪنھن کي ڪا ڳالھہ معاف ڪريو ٿا تہ آءٌ بہ ان کي معاف ڪريان ٿو ۽ جيڪي مون معاف ڪيو آھي، جيڪڏھن ڪا معاف ڪرڻ جوڳي ڳالھہ ھئي تہ مسيح جي حضور ۾ اوھان جي خاطر معاف ڪئي اٿم.

11. انھيءَ ڪري تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي نہ پئون، ڇوجو اسين سندس منصوبن کان بي⁠خبر نہ آھيون.

12. جڏھن آءٌ مسيح جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس ۾ آيس تہ خداوند جي طرفان مون لاءِ ھڪڙو در کلي پيو.

13. تڏھن بہ منھنجي دل کي آرام نہ آيو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجي ڀاءُ طيطس کي نہ ڏٺو. پوءِ اتان جي ماڻھن کان موڪلائي مڪدونيا ۾ ھليو آيس.

14. پر خدا جو شڪر آھي، جيڪو اسان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري سدائين سوڀ واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح پنھنجي علم جي خوشبوءِ اسان جي وسيلي ھر ھنڌ پکيڙي ٿو.

15. انھيءَ ڪري اسين خدا جي آڏو ڇوٽڪارو پائيندڙن ۽ تباھي حاصل ڪرڻ وارن ٻنھي لاءِ مسيح جي سرھاڻ آھيون.

16. ھڪڙن جي واسطي مرڻ لاءِ موت جي بوءِ ۽ ٻين جي واسطي جيئڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشبوءِ آھيون. ڪير اھا ذميواري کڻڻ جي لائق آھي؟

2.ڪرنٿين 2