8. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي انھن مصيبتن کان بيخبر رکڻ نہ ٿا چاھيون، جيڪي ايشيا پرڳڻي ۾ ڀوڳيونسين. اسين برداشت کان ٻاھر بار ھيٺ دٻيل ھئاسين، ايتري تائين جو زندہ رھڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني ھئي سون.
9. سچپچ تہ اسان پنھنجين دلين ۾ موت جي فتويٰ محسوس ڪئي، تان جو سکيوسين تہ پاڻ تي نہ، بلڪ خدا تي ڀاڙيون جيڪو مئلن کي جياري ٿو.
10. سو ھن اسان کي موت جي اھڙي ڀوائتي تباھيءَ کان بچايو ۽ بچائيندو. ھن ۾ اميد آھي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رھندو.
11. جيڪڏھن اوھين بہ پنھنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪندا، تہ پوءِ گھڻن ماڻھن جي دعائن سان جيڪا نعمت ملي آھي انھيءَ لاءِ اسان جي پاران گھڻا ماڻھو شڪرانو بجاءِ آڻيندا.