22. انھيءَ خدا اسان کي چونڊيو ۽ اسان جي دلين تي پنھنجي مالڪيءَ جي مُھر بہ ھنئي ۽ پاڪ روح اسان جي دلين ۾ وڌائين، جيڪو آئيندہ واعدي ڪيل نعمتن جو پھريون حصو آھي.
23. آءٌ خدا کي شاھد ڄاڻي چوان ٿو تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انھيءَ لاءِ نہ آيس تہ متان اوھين رنج ٿيو.
24. اسين ايمان جي باري ۾ اوھان تي حڪومت نہ ٿا ھلايون. پر اوھان جي خوشيءَ ۾ اوھان جا مددگار آھيون، ڇالاءِتہ ايمان جي وسيلي اوھين قائم آھيو.