2.ٿسلونيڪين 1:11-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. انھيءَ ڪري اسين ھميشہ اوھان لاءِ دعا گھرندا رھندا آھيون، تہ شل اسان جو خدا اوھان کي پنھنجي ڪوٺ جي لائق ڄاڻي. شل ھو پنھنجي قدرت سان اوھان جي ھر نيڪ خواھش ۽ ايمان واري ڪم کي پورو ڪري.

12. اسين ھيءَ دعا انھيءَ لاءِ گھرندا آھيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوھان جي وسيلي ۽ اوھين ھن جي وسيلي عزت پايو.

2.ٿسلونيڪين 1