7. خدا لوط کي بچائي ورتو، جيڪو سچار شخص ھو ۽ بدڪارن جي گندي ھلت چلت کان تنگ ٿيو ھو.
8. ڇالاءِجو اھو سچار ماڻھو انھن ۾ رھي ھر روز انھن جا غير شرعي ڪم ڏسي ۽ ٻڌي پنھنجي سچيءَ دل ۾ پيو پريشان ٿيندو ھو.
9. سو خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينھن تائين ڪھڙيءَ طرح سزا ھيٺ رکي،
10. خاص ڪري انھن کي جيڪي جسم جي ناپاڪ خواھشن جي پيروي ٿا ڪن ۽ خدا جي اختياريءَ کي ڪين جھڙو ٿا ڄاڻن.اُھي اھڙا تہ گستاخ ۽ ھٺيلا آھن جو عظيم آسماني ھستين جي گلا ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.
11. جيتوڻيڪ ملائڪ انھن ڪوڙن استادن کان طاقت ۽ قدرت ۾ وڌيڪ آھن، سي بہ خداوند جي آڏو انھن تي گلا جھڙي تھمت نہ ٿا ھڻن.