2.تيمٿيس 3:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. پر ھي ڄاڻي ڇڏ تہ آخري زماني ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ايندا.

2. ڇالاءِ⁠جو ماڻھو خود⁠غرض، پيسي جا يار، ٻٽاڪي، مغرور، بدزبان، ماءُ⁠پيءُ جا نافرمان، بي⁠شڪرا ۽ ناپاڪ ٿي پوندا.

3. اھي محبت کان خالي، بي⁠رحم، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن ھوندا.

4. اھي دغاباز، اُٻھرا، وڏائي⁠خور ۽ خدا جي بدران عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا ھوندا.

5. اھي دينداريءَ جو ظاھري نمونو تہ رکندا، پر انھيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اھڙن ماڻھن کان پاسو ڪجانءِ.

2.تيمٿيس 3