19. تنھن ھوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رھي ٿو. انھيءَ تي ھنن لفظن جي مُھر لڳل آھي تہ”خداوند پنھنجن کي سڃاڻي ٿو.“۽”جيڪو خداوند جي نالي جو اقرار ڪري ٿو،تنھن کي بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.“
20. ڪنھن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ھوندا آھن، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ. انھن مان ڪي اعليٰ ڪمن لاءِ آھن ۽ ڪي ذليل ڪمن لاءِ.
21. تنھنڪري جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ذليل ڪمن کان صاف سٿرو ٿو رکي تہ اھو عزت وارو ۽ خاص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنھنجي مالڪ لاءِ مفيد ۽ ھر چڱي ڪم لاءِ تيار ھوندو.
22. جوانيءَ جي برين خواھشن کان پري ڀڄ. انھيءَ کان سواءِ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏجي سچائي، ايمان، محبت ۽ صلح جو طلبگار ٿيءُ.
23. بيوقوفيءَ ۽ نادانيءَ جي مباحثن کان پاسو ڪر، ڇالاءِجو تون ڄاڻين ٿو تہ اھي جھيڙا جھڳڙا پيدا ڪن ٿا.