1.ڪرنٿين 9:1-2 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ڇا آءٌ آزاد نہ آھيان؟ ڇا آءٌ رسول نہ آھيان؟ ڇا مون عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي جيڪو اسان جو خداوند آھي؟ ڇا خداوند جي لاءِ اوھين منھنجي خدمت جو نتيجو نہ آھيو؟

2. جيڪڏھن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ ڀلي نہ مڃين، پر اوھان جو تہ رسول آھيان. جيئن تہ اوھين خداوند جا آھيو، سو اھا ئي منھنجي رسالت جي ثابتي آھي.

1.ڪرنٿين 9