1.ڪرنٿين 4:17-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. انھيءَ سبب ڪري آءٌ تيمٿيس کي اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. ھو خداوند جو ھئڻ ڪري منھنجو پيارو ۽ وفادار فرزند آھي. ھو منھنجا اھي طريقا جيڪي مسيح جو ھجڻ ڪري منھنجي زندگيءَ ۾ آھن، اوھان کي ياد ڏياريندو، جھڙيءَ طرح آءٌ ھرھنڌ ھر ڪليسيا ۾ تعليم ڏيان ٿو.

18. اوھان مان ڪن ٻٽاڪون ھنيون آھن، ڄڻ تہ آءٌ اوھان وٽ ايندس ئي ڪونہ.

19. پر جي خداوند گھريو تہ آءٌ جلدي اوھان وٽ ايندس ۽ جيڪي ٻٽاڪي آھن، تن جي ڳالھين جي نہ، پر سندن طاقت جي خبر لھندس.

20. ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت ڳالھين تي نہ، پر طاقت تي مدار رکي ٿي.

21. اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ آءٌ اوھان وٽ ڏنڊي سان اچان يا پيار ۽ نماڻائيءَ واري روح سان؟

1.ڪرنٿين 4