1. ھاڻي آءٌ يروشلم جي ڪليسيا جي مدد لاءِ چندي بابت اوھان کي ٻڌايان ٿو. جيئن مون گلتيا جي ڪليسيائن کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن اوھين بہ ڪجو.
2. ھر آچر جي ڏينھن تي اوھان مان ھر ھڪ پنھنجي ڪمائيءَ آھر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منھنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.
3. پوءِ جڏھن آءٌ پھچان تڏھن اوھان جي مقرر ڪيل ماڻھن کي خط ڏيئي موڪليندس، تہ جيئن ھو اوھان جو نذرانو يروشلم ڏانھن کڻي وڃن.
4. پر جيڪڏھن منھنجو وڃڻ بہ مناسب ٿي پيو تہ اھي مون سان گڏجي ھلندا.
5. جيئن تہ منھنجو مڪدونيا وٽان گذرڻ جو ارادو آھي، سو آءٌ اتان ٿيندو پوءِ اوھان وٽ ايندس.
6. شايد آءٌ اوھان وٽ ڪجھہ وقت ٽڪان، يا سڄو سيارو گذاريان، انھيءَ ڪري تہ جيئن مسافريءَ ۾ جيڏانھن بہ وڃان تہ اوھين مدد ڪري مون کي روانو ڪري سگھو.
7. تنھنڪري آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ ھن وقت رستي ويندي اوھان سان ٿوري وقت لاءِ ملان. مون کي اميد آھي تہ جيڪڏھن خداوند چاھيو تہ اوھان سان ڪافي وقت گذاريندس.
8. پر اڃا آءٌ ھتي اِفسس ۾ پنتيڪُست جي عيد تائين رھندس.
9. ڇالاءِجو ھتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو آھي، توڙي جو ڪيترائي مخالف آھن.
10. جيڪڏھن تيمٿيس اوھان وٽ اچي تہ خيال رکجو تہ جيئن ھو اوھان سان بيڊپو ٿي رھي، ڇالاءِجو ھو بہ خداوند جو ڪم ائين پيو ڪري جيئن آءٌ پيو ڪريان.
11. تہ پوءِ ڪوبہ ھن کي گھٽ نہ سمجھي. کيس سک ۽ سلامتيءَ سان روانو ڪجو تہ جيئن ھو مون ڏانھن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.
12. ھاڻي پنھنجي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ ھي آھي تہ مون ھن کي ڀائرن سان گڏجي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ زور ڀريو. ھن وقت سندس اچڻ جي مرضي اصلي ناھي پر موقعو مليس تہ ضرور ايندو.
13. سجاڳ رھو، ايمان تي قائم رھو، ھمت ڌاريو، مضبوط رھو.