1.ڪرنٿين 15:28-39 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

28. ھاڻي جڏھن ھن ائين ڪيو آھي تہ پوءِ پٽ پنھنجو پاڻ خدا جي تابع ٿيندو. انھيءَ خدا سڀ شيون مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪيون تہ جيئن سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ ھجي.

29. جيڪڏھن مئل وري جِي نہ ٿا اٿن تہ مئلن جي حق ۾ بپتسما وٺندڙ ڇا ڪندا؟ جيڪڏھن مئل واقعي ئي جِي نہ ٿا اٿن تہ انھن جي حق ۾ ماڻھن کي بپتسما ڇو ٿي ڏني وڃي؟

30. جيستائين اسان جو واسطو آھي، اسين ھر گھڙيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿا رکون؟

31. اي ڀائرؤ! مون کي پنھنجي انھيءَ فخر جو قسم، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏ ھئڻ ڪري اوھان تي آھي، تہ آءٌ ڏھاڙي موت جي منھن ۾ آھيان.

32. جيڪڏھن آءٌ اِفسس ۾ جھنگلي جانورن سان انساني خواھش جي ڪري وڙھيس تہ پوءِ مون کي ڪھڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏھن مئل نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇوتہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.

33. ٺڳجي نہ وڃو. بري صحبت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.

34. نيڪيءَ جي خاطر جاڳي پئو ۽ گناھہ نہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪي خدا کي نہ ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ئي آءٌ چوان ٿو تہ اھا اوھان لاءِ شرم جي ڳالھہ آھي.

35. ھاڻي ڪو چوندو تہ مئل ڪيئن اٿاريا وڃن ٿا؟ ۽ اھي وري ڪھڙي قسم جي بدن سان اچن ٿا؟

36. اي بي⁠وقوف! جيڪو ٻج پوکجي ٿو، سو جيستائين مري نہ ٿو تيستائين ڦٽي نہ ٿو.

37. اھڙيءَ طرح جيڪو تون پوکين ٿو سو اھو جسم نہ آھي جيڪو پيدا ٿيڻ وارو آھي پر رڳو داڻو آھي، پوءِ اھو ڪڻڪ جو ھجي يا ڪنھن ٻي جنس جو.

38. خدا کي جيئن وڻي ٿو تيئن انھيءَ ٻج کي جسم ڏئي ٿو، بلڪ ھر ھڪ ٻج کي پنھنجو پنھنجو جسم عطا ڪري ٿو.

39. سڀني جو جسم ھڪجھڙو نہ ٿيندو آھي. انسانن جو جسم ھڪ قسم جو آھي تہ چوپاين جو ٻيءَ طرح، پکين جو ھڪڙو تہ مڇين جو ٻيو.

1.ڪرنٿين 15