1. تہ پوءِ محبت جا طلبگار ٿيو ۽ شوق سان روحاني نعمتن لاءِ جاکوڙ ڪريو ۽ خاص ڪري خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي نعمت لاءِ.
2. جيڪو عجيب ٻوليءَ ۾ ڳالھائي ٿو سو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڳالھائي ٿو، ڇاڪاڻتہ ڪوبہ سندس ڳالھہ نہ ٿو سمجھي. ھو روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالھيون ٿو ڳالھائي.
3. جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌائي ٿو سو ماڻھن سان سندن سڌاري، نصيحت ۽ دلاسي جون ڳالھيون ٿو ڪري.
4. جيڪو ماڻھو عجيب ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالھائي سو رڳو پنھنجو سڌارو ٿو ڪري، پر جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌائي سو ڪليسيا جو سڌارو ٿو ڪري.