1.ڪرنٿين 13:9-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. ڇالاءِ⁠جو اسان جو علم ناقص۽ اسان جي پيشنگوئي اڻ⁠پوري آھي.

10. پر جڏھن ڪامل ايندو تہناقص ختم ٿي ويندو.

11. جڏھن آءٌ ٻار ھوس،تڏھن ٻارن وانگر ڳالھائيندو ھوس،ٻارن وانگر سمجھندو ھوس،۽ ٻارن وانگر خيال ڪندو ھوس.پر جڏھن آءٌ بالغ ٿيس،تڏھن ٻاراڻيون ڳالھيون ڇڏي ڏنم.

12. ھاڻي اسين ڄڻ تہ آئيني ۾،چٽيءَ طرح نہ ٿا ڏسي سگھون،پر پوءِ روبرو ڏسنداسين.ھاڻي آءٌ ٿورو ٿورو سڃاڻان ٿو،پر پوءِ آءٌ پوريءَ طرح سڃاڻيندس،جھڙيءَ طرح خدا مون کي سڃاتو آھي.

13. مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت،اھي ٽيئي قائم آھن.پر انھن ٽنھي ۾،محبت اتم آھي.

1.ڪرنٿين 13