7. محبت پردو رکي ٿي،محبت يقين رکي ٿي،محبت اميد رکي ٿي،محبت سھي ٿي.
8. محبت کي زوال ڪونھي.پر جتي بہ پيشنگوئيون ھونديون،سي ختم ٿي وينديون،يا جيڪي زبانون ھونديون،سي بند ٿي وينديون،يا جتي علم ھوندو تہاتي اھو ميٽجي ويندو.
9. ڇالاءِجو اسان جو علم ناقص۽ اسان جي پيشنگوئي اڻپوري آھي.
10. پر جڏھن ڪامل ايندو تہناقص ختم ٿي ويندو.
11. جڏھن آءٌ ٻار ھوس،تڏھن ٻارن وانگر ڳالھائيندو ھوس،ٻارن وانگر سمجھندو ھوس،۽ ٻارن وانگر خيال ڪندو ھوس.پر جڏھن آءٌ بالغ ٿيس،تڏھن ٻاراڻيون ڳالھيون ڇڏي ڏنم.