1.ڪرنٿين 12:23-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. بدن جا اھي عضوا جن کي اسين خسيس ٿا سمجھون، تن جو ڏاڍو قدر ٿا ڪريون. اسان جا بي⁠زيبا عضوا ڏاڍي زيب وارا ٿا بڻجن.

24. پر اسان جا زيب وارا عضوا خاص ڌيان جا محتاج نہ آھن. ڇالاءِ⁠جو خدا بدن کي اھڙيءَ طرح جوڙيو جو جيڪو خسيس عضوو ھو تنھن کي ڏاڍي عزت ڏنائين.

25. انھيءَ لاءِ تہ جيئن بدن ۾ ڪو ڏڦيڙ نہ پوي ۽ سڀيئي عضوا ھڪ ٻئي جي ھڪجھڙي سنڀال ڪن.

1.ڪرنٿين 12