27. تنھنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور خداوند جي ماني کائيندو ۽ پيالو پيئندو، سو خداوند جو سندس بدن ۽ رت جي نسبت ۾ گنھگار ٿيندو.
28. تنھنڪري پھريائين ھر ڪو ماڻھو پاڻ کي خيال سان جاچي ۽ پوءِ ھن مانيءَ مان کائي ۽ ھن پيالي مان پيئي.
29. ڇالاءِجو جيڪو شخص کائي پيئي ٿو پر خداوند جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انھيءَ کائڻ پيئڻ ۾ پنھنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي.
30. انھيءَ سبب ڪري اوھان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آھن ۽ ڪيترا تہ مري بہ ويا آھن.
31. جيڪڏھن اسين پنھنجو پاڻ کي جاچيون ھا تہ اسان کي سزا نہ ملي ھا.