7. نڪي اوھين بتپرست ٿيو جيئن انھن مان ڪي ٿيا. ڇالاءِجو لکيل آھي تہ”ماڻھو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا،۽ بيشرميءَ سان نچڻ ٽپڻ لاءِ اٿيا.“
8. نڪي اسان کي حرامڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انھن مان ڪن ماڻھن ڪئي ۽ ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ ٽيويھہ ھزار ڪِري مري ويا.
9. نڪي اسان کي خداوند کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انھن مان ڪن آزمايو ۽ نانگ ڏنگي کين ماري ڇڏيو.
10. نڪي اوھين ڪُرڪو ڪنجھو، جيئن انھن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت جي فرشتي ھٿان مارجي ويا.
11. ساڻن ھي واقعا انھيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن اھي عبرت کائين ۽ اسين، جيڪي آخرين زماني ۾ آھيون، تن جي نصيحت لاءِ اھي ڳالھيون لکيون ويون آھن.
12. تنھنڪري جيڪو پاڻ کي مضبوط بيٺل ٿو سمجھي، سو خبردار ٿئي متان ڪري نہ پوي.