1.ٿسلونيڪين 5:12-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي عرض ٿا ڪريون تہ انھن ماڻھن جي عزت ڪريو، جيڪي اوھان منجھہ سخت محنت ٿا ڪن. اھي خداوند جا ھئڻ ڪري اوھان جا اڳواڻ آھن ۽ اوھان کي نصيحت ٿا ڪن.

13. سندن محنت جي ڪري محبت سان کين وڏي عزت ڏيو.اوھين پاڻ ۾ صلح سانت سان رھو.

14. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.

1.ٿسلونيڪين 5