1.ٿسلونيڪين 4:15-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. انھيءَ ڪري اسين اوھان کي خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون تہ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا آھيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آھيون سي انھن کان، جيڪي مري ويا آھن، ڪنھن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين.

16. ڇالاءِ⁠جو وڏي واڪي سان، وڏي ملائڪ جي آواز سان ۽ خدا جي بگل وڄڻ سان خداوند پاڻ آسمان مان ھيٺ لھندو. پوءِ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ مري ويا آھن سي پھريائين جي اٿندا.

17. انھيءَ کان پوءِ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا ۽ ڇڏيل ھونداسين سي انھن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کنيا وينداسين، تہ جيئن ھوا ۾ خداوند سان ملاقات ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين ھميشہ خداوند سان گڏ رھنداسين.

18. تنھنڪري اوھين انھن ڳالھين سان ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھو.

1.ٿسلونيڪين 4