18. انھيءَ لاءِ اسان ۽ خاص طور مون پولس، ھڪ کان وڌيڪ دفعا اوھان وٽ اچڻ جي خواھش بہ ڪئي، پر شيطان اسان کي روڪيو.
19. ڀلا، اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آھي؟ ڇا اسان جي خداوند عيسيٰ جي اڳيان سندس اچڻ وقت اھي اوھين ئي نہ ھوندا؟
20. سچپچ اوھين ئي اسان جو فخر ۽ خوشي آھيو.