1. اي زالون! ساڳيءَ طرح اوھين بہ پنھنجن مڙسن جون تابعدار رھو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪڏھن انھن مان ڪي پاڪ ڪلام کي نہ مڃيندا ھجن تہ اھي پنھنجين زالن جي ھلت چلت جي ڪري، چوڻ کان سواءِ ئي خدا جي طرف ڇڪجي اچن،
2. يعني جڏھن اھي اوھان جي پاڪيزہ ۽ ادب واري ھلت چلت ڏسن.
3. اوھان جو سينگار، وارن ڳتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدن ڪپڙن ڍڪڻ وارو ظاھري سينگار نہ ھئڻ گھرجي.