13. خداوند جي خاطر ھر انساني اختياريءَ جا تابعدار رھو، مثال طور شھنشاھہ جا انھيءَ ڪري جو ھو سڀني کان مٿاھون آھي.
14. اھڙيءَ طرح گورنرن جا انھيءَ ڪري تابعدار رھو جو اھي شھنشاھہ جا موڪليل آھن، انھيءَ لاءِ تہ بدڪارن کي سزا ڏين ۽ نيڪي ڪرڻ وارن جي ساراھہ ڪن.
15. ڇالاءِجو خدا جي مرضي اھا آھي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوھين بيوقوف ماڻھن جي نادانيءَ وارين ڳالھين کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو.
16. آزاد ماڻھن وانگر زندگي گذاريو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بھانو نہ بڻايو، البت پاڻ کي خدا جا ٻانھا سمجھو.