1.پطرس 1:23-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. ڇالاءِ⁠جو اوھان فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج مان نئين سر پيدا ٿيا آھيو، يعني خدا جي انھيءَ ڪلام جي وسيلي جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آھي.

24. جيئن پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ”سڀ انسان گاھہ وانگر آھن،۽ انھن جو سمورو شانگاھہ جي گل وانگر آھي.گاھہ سڪي وڃي ٿو۽ گل ڪري ٿو پوي.

25. پر خداوند جو ڪلامھميشہ تائين قائم رھندو.“ ھي اھو ئي خوشخبريءَ جو ڪلام آھي، جيڪو اوھان کي ٻڌايو ويو آھي.

1.پطرس 1