1.يوحنا 3:2-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي اسين خدا جا ٻار آھيون ۽ اڃا اھا ڳالھہ ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏھن مسيح ظاھر ٿيندو تہ اسين بہ ھن جھڙا ٿي پونداسين، ڇالاءِ⁠جو اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن ھو حقيقت ۾ آھي.

3. جنھن کي بہ مسيح ۾ اھڙي اميد آھي، سو پاڻ کي اھڙو پاڪ ڪري جھڙو مسيح پاڪ آھي.

4. جيڪوبہ گناھہ ڪري ٿو سو خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھدار آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ گناھہ خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي آھي.

5. اوھان کي خبر آھي تہ مسيح انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو ھو تہ جيئن گناھن کي کڻي وڃي ۽ منجھس گناھہ تہ اصل آھي ئي ڪونہ.

6. جيڪو منجھس قائم رھي ٿو، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، جيڪو گناھہ ڪندو آھي تنھن نہ کيس ڏٺو آھي ۽ نڪي کيس سڃاتو آھي.

7. پيارا ٻارؤ! متان ڪو اوھان کي گمراھہ ڪري. جيڪو سچا ڪم ڪندو رھي ٿو سو سچار آھي، جيئن مسيح پاڻ سچار آھي.

1.يوحنا 3