1.يوحنا 2:18-29 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. پيارا ٻارؤ! ھي آخري وقت آھي. جيئن تہ اوھان ٻڌو آھي تہ مسيح جو ھڪ دشمن اچڻ وارو آھي، تيئن ئي ھاڻي مسيح جا ڪيترا ئي دشمن ظاھر ٿي چڪا آھن، جنھن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ھيءُ ئي آخري وقت آھي.

19. مسيح جا اِھي دشمن نڪتا تہ اسان منجھان ئي آھن، پر حقيقت ۾ اھي اسان منجھان نہ ھئا، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن ھو اسان منجھان ھجن ھا تہ اسان سان گڏ رھن ھا. ھو اسان کي انھيءَ لاءِ ڇڏي ويا تہ جيئن ظاھر ٿئي تہ انھن مان ڪنھن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ ھو.

20. اوھان ۾ پاڪ روح وڌو ويو آھي، تنھنڪري اوھان سڀني کي سچائيءَ جي خبر آھي.

21. مون اوھان ڏانھن ھن ڪري نہ لکيو آھي تہ اوھين ڪي سچ کان بي⁠خبر آھيو. اوھين تہ چڱيءَ طرح سچ کي ڄاڻو ٿا، پر مون انھيءَ لاءِ لکيو آھي تہ ڪوبہ ڪوڙ سچ مان نہ ٿو نڪري.

22. تہ پوءِ ڪير ڪوڙو آھي؟ سواءِ انھيءَ جي جيڪو انڪار ڪري چوي ٿو تہ ”عيسيٰ اھو مسيح نہ آھي.“ اِھو ئي مسيح جو دشمن آھي، ڇوتہ ھو پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي جو انڪار ڪري ٿو.

23. جيڪو فرزند کي مڃي ٿو تنھن وٽ پيءُ بہ آھي، پر جيڪو فرزند کي نہ ٿو مڃي تنھن وٽ پيءُ بہ نہ آھي.

24. جيڪو ڪجھہ اوھان کي شروع ۾ ٻڌايو ويو آھي، سو اوھان جي دلين ۾ رھڻ گھرجي. جيڪڏھن اھو اوھان کي ياد رھيو تہ اوھين بہ پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي سان گڏجي ھڪ ٿي ويندا.

25. ھيءُ اُھو واعدو آھي جيڪو مسيح اسان سان ڪيو آھي، يعني دائمي زندگي.

26. مون ھي ڳالھيون اوھان ڏانھن انھن ماڻھن بابت لکيون آھن، جيڪي اوھان کي گمراھہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

27. پر اوھان ۾ تہ مسيح پاڪ روح وڌو آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھان کي انھيءَ ڳالھہ جي ضرورت ڪانھي تہ ڪو اوھان کي سيکاري. پر ھن جو پاڪ روح اوھان کي سڀني ڳالھين بابت سيکاري ٿو. اھو سچو آھي ۽ ڪوڙو ڪونھي. جيئن ھن اوھان کي سيکاريو آھي، تيئن اوھين مسيح ۾ قائم رھندا اچو.

28. ھاڻي اي ننڍڙا ٻارؤ! مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي قائم رھندا اچو تہ جڏھن ھو ظاھر ٿئي، تڏھن اسان کي ھمت ھجي ۽ اسين سندس اچڻ مھل ھن جي اڳيان شرمندا نہ ٿيون.

29. اوھين ڄاڻو ٿا تہ خدا سچار آھي، تہ پوءِ اھا بہ خبر اٿوَ تہ جيڪوبہ سچائيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو ھن مان پيدا ٿيو آھي.

1.يوحنا 2