1.يوحنا 1:8-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان ۾ گناھہ ڪونہ آھي، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچائي ڪانھي.

9. پر جيڪڏھن اسين پنھنجا گناھہ باسينداسين تہ خدا پنھنجو واعدو پاڙيندو ۽ انصاف ڪري اسان جا گناھہ معاف ڪندو ۽ اسان کي ساري بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو.

10. جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان گناھہ ڪونہ ڪيو آھي، تڏھن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس ڪلام موجود نہ آھي.

1.يوحنا 1