4. تہ اھو مغرور آھي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. ھن کي بحث مباحثي ۽ لفظي تڪرار ڪرڻ جو مرض آھي، جنھن جي نتيجي ۾ حسد، جھيڙو، بدزبانيون ۽ بدگمانيون پيدا ٿين ٿيون.
5. اھڙن بدنيت ماڻھن جي وچ ۾ سدائين اڻبڻت پيدا ٿيندي ٿي رھي. اھي سچ کان محروم آھن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.
6. بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آھي، بشرطيڪ ان سان گڏ قناعت بہ ھجي.
7. ڇالاءِجو اسان دنيا ۾ نہ ڪجھہ آندو آھي ۽ نہ ئي ڪجھہ منجھانئس کڻي وڃي ٿا سگھون.
8. سو جيڪڏھن اسان وٽ خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود آھي تہ انھيءَ تي ئي راضي رھون.
9. پر جيڪي ماڻھو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۽ ڦندي ۾ ۽ گھڻين بيوقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواھشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن. اھي خواھشون ماڻھن کي تباھيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ڪريو ڇڏين.
10. ڇالاءِجو پيسي سان پيار رکڻ، ھر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آھي. ڪي ماڻھو پيسي جا طلبگار ٿي ايمان کان گمراھہ ٿي ويا ۽ طرح طرح جي ڏکن ۾ پاڻ کي وڪوڙي ڇڏيائون.
11. پر اي خدا جا بندا! تون انھن ڳالھين کان پري ڀڄ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حليمائيءَ جو طلبگار ٿيءُ.