15. خدا پنھنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاھر ڪندو، اھو خدا جيڪو سڳورو ۽ واحد حاڪم آھي. اھو ئي بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند آھي.
16. رڳو اھو ئي بقا وارو آھي ۽ ھو انھيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رھي، جنھن تائين ڪوبہ پھچي نہ ٿو سگھي. خدا کي نہ ڪنھن ماڻھوءَ ڏٺو آھي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. انھيءَ جي عزت ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.
17. جيڪي ھن موجودہ دنيا ۾ دولتمند آھن، تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين ۽ بيبقا دولت تي نہ، بلڪ انھيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.
18. انھن کي حڪم ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رھن.