1.تيمٿيس 5:15-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. ڇالاءِ⁠جو ھن کان اڳ ئي ڪي رنون⁠زالون گمراھہ ٿي ڪري شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آھن.

16. جيڪڏھن ڪنھن ايمان واري عورت جي گھراڻي ۾ رنون⁠زالون ھجن، تہ اھا ئي سندن پرگھور لھي ۽ ڪليسيا تي انھن جو بار پوڻ نہ کپي، انھيءَ لاءِ تہ ڪليسيا انھن رنن⁠زالن جي مدد ڪري سگھي جيڪي نڌڻڪيون آھن.

17. جيڪي بزرگ ڪليسيا جو انتظام چڱيءَ طرح ٿا ھلائين، خاص ڪري اھي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھڻ گھرجن.

18. ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ”جڏھن ڪو ڍڳو ڳاھہ ۾ وھي، تڏھن ان جو ٻوٿ نہ ٻڌ.“ ۽”مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي.“

19. ڪنھن بزرگ تي ڪا تھمت اچي تہ اھا ٻن يا ٽن شاھدن کان سواءِ نہ ٻڌ.

20. جيڪي گناھہ ڪندا ٿا رھن، تن کي سڀني ماڻھن جي اڳيان ملامت ڪر تہ جيئن ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.

21. خدا، عيسيٰ مسيح ۽ چونڊيل ملائڪن کي حاضر ڄاڻي آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ انھن ھدايتن تي بنا تعصب جي عمل ڪر ۽ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ طرفداري نہ ڪر.

22. ڪنھن ماڻھوءَ تي ھٿ رکڻ ۾ اُٻھرو نہ ٿيءُ ۽ نڪي ٻين جي گناھن ۾ شريڪ ٿيءُ. پاڻ کي پاڪ رک.

23. ھاڻي رڳو پاڻي نہ پيءُ، پر پنھنجي معدي ۽ اڪثر بيمار رھڻ جي ڪري ٿوري مئي استعمال ڪندو ڪر.

1.تيمٿيس 5