1. ڪنھن وڏيءَ عمر واري ماڻھوءَ کي سختيءَ سان ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انھيءَ کي پيءُ وانگر سمجھي ساڻس سلوڪ ڪر. نوجوانن سان ڀائرن وانگر ھل.
2. وڏيءَ عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر سمجھہ ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي ساڻن پوريءَ پاڪيزگيءَ سان پيش اچ.
3. انھن رننزالن جو پورو قدر ڪر، جيڪي سچپچ نڌڻڪيون آھن.