1.تيمٿيس 5:1-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ڪنھن وڏيءَ عمر واري ماڻھوءَ کي سختيءَ سان ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انھيءَ کي پيءُ وانگر سمجھي ساڻس سلوڪ ڪر. نوجوانن سان ڀائرن وانگر ھل.

2. وڏيءَ عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر سمجھہ ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي ساڻن پوريءَ پاڪيزگيءَ سان پيش اچ.

3. انھن رنن⁠زالن جو پورو قدر ڪر، جيڪي سچ⁠پچ نڌڻڪيون آھن.

4. پر جيڪڏھن ڪنھن رن⁠زال کي ڌيئر پٽ، يا انھن جا ٻار ھجن تہ اھي سڀ کان پھريائين پنھنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري ھلت ڪرڻ ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇالاءِ⁠جو خدا کي اھو پسند آھي.

5. اھا رن⁠زال جيڪا سچ⁠پچ رن⁠زال ۽ بلڪل اڪيلي آھي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينھن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رھي.

6. پر جيڪا رن⁠زال عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيئري ئي مئل آھي.

7. انھن ڳالھين لاءِ کين ھدايت بہ ڪر تہ جيئن مٿن ڪوبہ الزام نہ ھڻي.

8. جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجن مائٽن ۽ خاص ڪري پنھنجي گھر ٻار جو بندوبست نہ ٿو ڪري، تہ اھو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انھيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آھي جنھن جو ڪو ايمان ڪونھي.

9. رنن⁠زالن جي ياداشت ۾ انھيءَ رن⁠زال جو نالو لکيو وڃي، جنھن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ ھجي ۽ جيڪا رڳو ھڪڙي مڙس جي زال ٿي رھي ھجي.

10. اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين.

11. پر جوان رنن⁠زالن کي انھيءَ ياداشت ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇالاءِ⁠جو جڏھن اھي مسيح کان ڦري پنھنجي نفساني خواھشن جي تابع ٿين ٿيون تڏھن شادي ڪرڻ گھرن ٿيون.

12. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجو پھريون واعدو ڀڃي پاڻ کي سزا جي لائق ٿيون بڻائين.

13. تنھن کان سواءِ اھي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ سکن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪرڻ، ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ اھڙيون ڳالھيون ڪرڻ بہ سکن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.

14. تنھنڪري آءٌ جوان رنن⁠زالن کي صلاح ٿو ڏيان تہ ڀلي شادي ڪن، ٻار ڄڻين، پنھنجا گھر سنڀالين ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.

1.تيمٿيس 5