13. جيسين آءٌ اچان تيسين ماڻھن ۾ ڪلام پڙھڻ، نصيحت ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رھہ.
14. جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ.
15. انھن ڳالھين کي ڌيان ۾ رک ۽ پاڻ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏ، تہ جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ تي تنھنجي ترقي ظاھر ٿئي.
16. پاڻ کي ۽ پنھنجي تعليم کي جاچيندو رھہ. انھن ھدايتن تي ثابت قدم رھہ، ڇالاءِجو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻڌڻ وارن کي بچائڻ جو سبب ٿيندين.