1.تيمٿيس 4:11-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. انھن ڳالھين جو حڪم ڪر ۽ انھن جي تعليم ڏي.

12. ڪوبہ ماڻھو تو کي جوانيءَ سبب حقارت جي نظر سان نہ ڏسي، بلڪ تون ڳالھہ ٻولھہ ۾، ھلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾، ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ.

13. جيسين آءٌ اچان تيسين ماڻھن ۾ ڪلام پڙھڻ، نصيحت ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رھہ.

14. جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ.

15. انھن ڳالھين کي ڌيان ۾ رک ۽ پاڻ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏ، تہ جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ تي تنھنجي ترقي ظاھر ٿئي.

16. پاڻ کي ۽ پنھنجي تعليم کي جاچيندو رھہ. انھن ھدايتن تي ثابت قدم رھہ، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻڌڻ وارن کي بچائڻ جو سبب ٿيندين.

1.تيمٿيس 4