1.تيمٿيس 3:13-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. ڇالاءِ⁠جو جيڪي خادم چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آھي تنھن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.

14. جيئن ھي ھدايتون تو ڏانھن لکي رھيو آھيان، تيئن اميد اٿم تہ جلد تو سان اچي ملندس.

15. پر جيڪڏھن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ھنن ھدايتن مان تو کي معلوم ٿي وڃي تہ خدا جي گھراڻي يعني جيئري خدا جي ڪليسيا، جيڪا سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آھي، تنھن ۾ ماڻھن کي ڪھڙيءَ طرح ھلت ڪرڻ کپي.

1.تيمٿيس 3